اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري جي حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد ??ظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپ??ل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف موبائل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ??اب?? تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪن??ي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.