ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پا??ست??ن جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پا??ست??ن جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن ش??رن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پا??ست??ن جو حب آهي، هتان جي ترقي پا??ست??ن جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پا??ست??ن بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي د??ر ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذور?? خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي د??ر ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.