اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ا??وان صدر ۾ ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر گذريل ڏينهن وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 3 ۽ 21 تحت فوزيه وقار جي ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏني هئي. اه?? مقرري ڪشمالا طارق جي بطور ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جو مدو مڪمل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.