لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي 1500 کان وڌيڪ جاري منصوبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئ?? و??ي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمرا?? خان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان م??مل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪري رهيو آهيان جنهن جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري شروع ڪئ?? و??ي آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمو??ا منصوبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين م??مل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن منصوبن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمرا?? خان کي وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر م??مل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب جي يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمرا?? خان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي پنجاب آب پاڪ اٿارٽي جي منصوبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومت?? و??يلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.