بشڪيڪ – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سي??يٽر محم?? اسحاق ڊار ورڪنگ وزٽ تي ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ پهچي ويو. شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موقعي ??ي آستانه قزاخستان ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ کيس ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلوبايف ڪرغز جمهوريه جي دوري جي دعوت ڏني هئي. ٻنهي وزيرن آستانه کان بشڪيڪ تائين گڏ سفر ڪي??. پرڏيهي آفيس موجب بشڪيڪ ۾ نائب وزي??اع??م ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان ڪرغز جمهوريه ۾ پاڪستاني شهرين جي خدشن بشمول پاڪستاني شاگردن کي درپيش تازن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. نائب وزي??اع??م جي پاڪستاني شهرين سان پڻ ملاقات متوقع آهي جيڪي تازن واقعن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيڻ جي ڪري علاج هيٺ آهن.