اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ?? روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ر??شن??ائيزيشن جي ل??ءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي جي حوا??ي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صنعتي ترقي ?? روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي صنعتن جي ل??ءِ ٽيرف ر??شن??ائيزيسن جي حوا??ي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ر??شن??ائيزيشن جي ل??ءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن جي حوا??ي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.