اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ??ابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (??اد??ا) ۽ فيڊر?? انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اداره جاتي معاملن ??ي بريفنگ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ??اد??ا هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي ??اد??ا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ??اد??ا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اداري بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته ??اد??ا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان ??و اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.