اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ورڪرز ان ??لس??ي ۾ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آه??. ص??ت وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اه??ن ??يا??ن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊ??نل?? بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ مان پوليو جي خاتمي ۾ هڪ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن.