اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تع??يم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تع??يمي شعبي ۾ انفارميش?? ٽيڪنالاجي جي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميش?? ٽيڪنالاجي تع??يمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار ا??ڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تع??يم جي لاءِ هزارين ??وا?? اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تع??يم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تع??يمي مرڪزن طور ا??تعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تع??يمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تع??يم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حس??ن بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تع??يم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تع??يم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.