اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي ??ان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ?? نگرا?? وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگرا?? وزيراعظم ان حوالي ??ان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ ??صو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگرا?? وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگرا?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي ??ان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ?? نگرا?? وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن ??ان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ?? نگرا?? وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگرا?? وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي ??ان خيبرپختونخواهه جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبدالله، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.