اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان و??پار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آسٽريليا ج?? هاءِ ڪم??نر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آسٽريلو?? هاءِ ڪم??نر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان و??پار ۽ سيڙپڪاري سمي?? مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو.