نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگرا?? پرڏيهي وزير منعقد ا??لاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني ر??است جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري ر??يو آهي جيڪو ي?? اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ر??يو آهي.