اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي ويندڙن کي پهچندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اس??ن هن مشڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سا?? يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو ??هي ۽ ڪميونٽي جي ممڪن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.