اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??اڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فرا??م ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فر??غ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فرا??م ڪرڻ جي لاءِ يو?? اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??اڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يو??يورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاح??ت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي ترب??ت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته ??اڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته ??دم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تسلسل قائم رکندي.