حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ??مشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي آهي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي ??ريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي س??ن پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي ??دايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي ??قيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشينن کي ??عال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي ??عال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي ??قيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ??مشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ک??ن پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻي جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي ??قيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.