ڪراچي – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا ??ونڊجڻ کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان ??ڳڀرائي کي پوري پاڪستان ??ي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ??اري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان ??بدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ۾ نفرت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي م??طق?? انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چي??رمين بلاول ڀٽو زرداري ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان ??بدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ ??ئين تاريخ لکندا.