اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع لاءِ ??رڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زرعي ٽيوب ويلز کي شم??ي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قدمن تحت 9 منصوبن لاءِ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل پي ايس ڊي پي مطابق ننڍن قرضن لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ل??ءِ 10 ارب رپيا، وزيراعظم يوٿ اسڪلز پروگرام ل??ءِ 5 ارب رپيا ۽ پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ لاءِ 5 ارب ريپا، وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ل??ءِ 10 ارب رپيا، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس اينڊ وينچر ڪيپيٽل لاءِ وزيراعظم جي سهڪار وارن قدم ل??ءِ 5 ارب رپيا، وزيراعظم جي راندين لاءِ قدمن لاءِ 5 ارب رپيا، وزيراعظم انيشيٽو ??ار گرين ريووليشن لاءِ 5 ارب ريپا، وزيراعظم جو عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن قدم ل??ءِ 5 ارب رپيا، ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي شم??ي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قومي پيداوار لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.