اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پ??وپ??گنڊه پکيڙي 9 مئي جي ??فسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنه?? به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پ??وپ??گنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي ??ربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل رياستي ادارن جي ??لاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ??رغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرائي اهو ڪنه?? به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران نيازي جي ??ڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.