لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ تر??يه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم تر??يه ۾ 6 فيبروري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران تر??يه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزيراعظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر زلزلي کانپوءِ وزيراعظم جي تر??يه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ ا??تي وڌائڻ جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان وي??هي رابطي ۾ رهڻ جي عز?? جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.