اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ علاج جي سهولتن جي باقاعده شروعات جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم انسٽيٽيوٽ جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ علاج جي سهولتن جو جائزو ورتو. وزيراعظم مريضن سان به ملاقاتڪ ئي ۽ ا??هن کان انهن جي خيريت ۽ علاج جي سهولتن بابت معلوم ڪيو. ڊاڪٽرن کان وزيراعظم اسپتال ۾ مختلف مرضن جي علاج بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي وزيراعظم کي صحت واري صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اتر پنجاب ۾ علاج جي ان نئين مرڪز جو قيام خوش آئنده آهي، 2009ع ۾ ان اسپتال جي منظوري ڏني وئي هئي ۽ ا??ا 255 بسترن تي ٻڌل آهي، هتي راولپنڊي، اتر پنجاب ۽ ٻين ??لائقن جي ماڻهن کي علاج جي بهترين ??هولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، پهرين مرحلي ۾ اسپتال ۾ ايمرجنسي سروسز جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ هتي ريڊيوٿراپي، يورالاجي، بلڊ بئنڪ، ڊائيلاسز، پيٿالوجي، ايمرجنسي، ٽرانسپلانٽيشن، نفرالوجي ۽ ا?? پي ڊي سميت مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وينديون، هيستائين منصوبي تي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم خرچ ٿي چڪي آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 30 جون 2024ع هو پر ??ن کي هلندڙ سال ڊسمبر کان اڳ ئي مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم صحت واري صوبائي سيڪريٽري احمد جاويد قاضي کي سندس شاندار خدمتن تي داد ڏني ۽ چيو ته هن مون سان گڏ 15، 20 سال ڪم ڪيو آهي، هي انتهائي قابل ۽ ا??ماندار آفيسر آهي، نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ قابل آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو، هي به نيب ۾ مون سان گڏ پيش ٿيو هو. وزيراعظم راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر، ڪمشنر راولپنڊي، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي پڻ بهترين ??نتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي سالن کان بند هئي پر وزيراعظم جي هدايت تي فوري ان تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي، وزيراعظم جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، 2008ع کان اڳ راولپنڊي ۾ رڳو 25 وينٽي ليٽرز هئا جن جو انگ اڄ اٽڪل 200 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح 20 ڊائيلاسز مشينون هيون جن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، اهڙي طرح 75 سالن ۾ هتي ايم آر آئي جي ڪا مشين نه هئي هاڻي 4 مشينون موجود آهن، اڳ ۾ ساليانو 25 لک ٽيسٽ ٿيندا هئا هاڻي پنجن ئي اسپتالن ۾ ٽيسٽ 41 لک تائين پهچي چڪا آهن، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير، راولپنڊي ڊويزن ۽ ٻين ??هرن جي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، گائني فلٽر ڪلينڪ پڻ راولپنڊي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ تمام وڏو تحفو آهي.