اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خص??صي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ مخصوص ??وڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خص??صي ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ مدد سرڪاري ۽ نجي شعبن جي گڏيل ذميواري آ??ي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان فائونڊيشن فائٽنگ بلائنڊنس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انيس الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته خص??صي ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ تربيت ۽ مخصوص ??هارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، معاشري ??ي خص??صي ماڻهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر حڪومتي ۽ نجي شعبن تي ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ خص??صي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر انيس الرحمان صدر کي اکين کان محروم ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فائٽنگ بلائنڊنس فائونڊيشن گذريل 10 سالن دوران 50000 کان وڌيڪ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ز??دگ??ن کي بدلايو، ڏسڻ کان محروم ٻارن خاص طور تي اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڇوڪرين کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج هاسٽل جي سهولتن جي کوٽ آهي. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته ڏسڻ کان محروم شاگردن کي درپيش هڪ وڏو مسئلو امتحانن دوران لکڻ جي لاءِ معاونين جي عدم دستيابي آ??ي.