اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربر??هه مولانا فضل الرحمان جي عيادت جي لاءِ سندس رهائشگ??هه تي وڃي سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي مواصلات وارو ??فاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ مولانا لطف الرحمان پڻ موجود هئا. وزيراعظم مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي، سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.