اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ ??يا??تي ادارن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، بار بار وقت ملڻ جي باوجود عم??ان خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، هو غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿيڻ ??ي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پوليس ڪرپشن ڪيسز ۾ عم??ان خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ عدالتي حڪمن جي ت??ميل تي زمان پارڪ ۾ موجود هئي. عالمي نش??يا??ي اداري ”بي بي سي“ سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته زمان پارڪ ۾ ڪارروائي دوران پوليس وٽ ڪو هٿيار نه هو، پوليس اهلڪارن کي ڏنڊن ۽ پٿرن سان ماريو ويو، انهن جي گاڏين تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. ان ڏوهاري فعل ??ي ڪري ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جيڪي اسپتال ۾ داخل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ پارٽي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ته تازي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عم??ان خان پنهن??ي ڪارڪنن ۽ سينيئر عهديدارن کان پيٽرول گهرائي پيٽرول بمن ۾ استعمال ڪرايو. هن چيو ته عم??ان خان غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿيڻ ??ي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي آئين ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، جيڪو قانون منهنجي لاءِ آهي اهو ئي سڀني جي لاءِ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن برطانيا ۾ ڪو سياسي اڳواڻ پوليس ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري، پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ت??دد تي اتساهي ۽ پاڻ گهر تي لڪي ويهي ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري، ته اتي ڇا ٿيندو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون بدران قانون شڪني ڪري رهيو آهي، عم??ان خان کي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه، تشدد، انارڪي کي هوا ڏيڻ جي ??جا??ت جي ??جا??ت هرگز نه ٿي ڏئي سگهجي.