ڪراچي – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته واسو خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي لوڪ موسيقي جي دنيا جو روشن ستارو اجهامي ويو، واسو خان مرحوم جي آواز ۾ بلوچستان جي پهاڙن جو طلسماتي لوڪ فن گونجندو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، ??لله تعاليٰ انهن کي صبر ج??يل عطا فرمائي. هن واسو خان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي.