اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي خميس ڏينهن ايبٽ آباد ۾ ٿيندڙ تنظ??مي ڪنوينشن کي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز خميس تي ايبٽ آباد ۾ تنظ??مي اجلاس جي صدرات به ڪندي. اجلاس ۾ پا??ٽي جا تنظ??مي معاملا غور هيٺ ايندا، جنهن ۾ پا??ٽي کي فعال ڪرڻ، تنظ??مي ڍانچي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي وڌيڪ مشاورت ٿيندي. مريم نواز پا??ٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪندي. مريم نواز ان کان اڳ بهاولپور ڊويزن جو دورو ڪري چڪي آهي.