اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جي هنگامي اجلاس ۾ ڳاله??ئي??دي چئي. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز ت??ئي?? وقت سر پهچ يقيني بڻ??ئي??. صوبا ڪڻڪ جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر بڻ??ئي??. لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن. حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيندي. وزيراعظم چيو ته گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن سان اٽي جي 40 ڪلو جي ٻوري جي قيمت ۾ اٽڪل هڪ هزار رپين جي گهٽتائي ٿي، جيڪو خوش آئنده آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز ت??ئي?? ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. ٻئي طرف 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ به ملڪ ۾ پهچ?? ويو آهي. جڏهن ته جنوري جي پڄاڻي ت??ئي?? وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچ?? ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جي ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندو جيڪو نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيراعظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن.