مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آه?? ته ڪاروباري منافعي ??اء?? ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ ج?? دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن ان??ن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي ??اء?? سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪائنات جو توازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ ج?? خطري ۾ ورتل ??هن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح ره?? ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ??اء?? 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ ??اء?? ڪردار ادا ڪرڻ ج?? ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.