اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم جن??ل نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فوج جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جن??ل نديم رضا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهان جي خدمتن تي فخر آهي، توهان جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي انتهائي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف جن??ل نديم رضا جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل نديم رضا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.