سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪا??ي ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيو?? وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن ??ان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي ??ان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيو?? وينديون ۽ عوام ۾ ڪا??ي ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.