اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستان جي سينيئر صحافي ارشد شريف جو مارجي وڃڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڌوڏيندڙ وا??عو آهي، ارشد شريف جي مارجڻ جي وا??عي تي ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار آهي، پاڪستان جي سفير ثقلين سيده مار??ري ۾ موجود آهي جتي ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ٿي آهي، وزيراعظم ارشد شريف جي ميت پاڪستان آڻڻ ج?? لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪينيا جي پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ڪينيا جي حڪومت پنهنجو بيان جاري ڪندي، اسان اصل حقيقتن کان ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ارشد شريف جو ڪينيا ۾ مارجڻ انتهائي افسوسناڪ وا??عو آهي، ان تي تعزيت ج?? لاءِ وٽس لفظ نه آهن. هن چيو ته هيستائين جي مليل معلومات موجب ارشد شريف نيروبي کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي سفر تي خرم نالي شخص سان گڏ سفر ڪري رهيو هو، هو جنهن گاڏي ۾ سوار هو اها ڪينيا جي مقامي ڊرائيور هلائي رهيو هو. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت پاران تفصيلن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڪينيا جي حڪومت پوليس پاران جاچ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو بيان جاري ڪندي. هن چيو ته شروعاتي جاچ جو هجڻ تمام ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ڪينيا ۾ اسان جي هاءِ ڪمشنر ثقلين سيده مار??ري ۾ موجود آهي جتي ارشد شريف مرحوم جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني سفير سان گڏ نيروبي جي گورنر جو نمائندو، پوليس ۽ سمورا سينيئر اهلڪار به اتي موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستاني صحافي ارشد شريف مرحوم جي ميت کي پاڪستان آڻڻ ج?? لاءِ سمورا انتظامي معاملا جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ ان وا??عي جي جاچ ڪينيا جي اندر پوليس سان رابطي ۾ رهي ڪئي وڃي. هن چيو ته مون ارشد شريف جي وا??ده سان ملاقات ڪئي آهي ۽ وزيراعظم به ان جي وا??ده سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي وا??ده کي يقين ڏياريو آهي ته هو پاڻ ان وا??عي کي ڏسي رهيو آهي ۽ مرحوم ارشد شريف جي ميت جلد کان جلد وطن وا??س آندي ويندي. هن چيو ته ڪينيا جي پوليس پاران هڪ بيان ڪينيا جي ميڊيا تي آيو آهي پر اسان کي ان بابت ڪينيا جي حڪومت جي آفيشل بيان جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ صحافي جي موت ٿي آهي، ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، هي وا??عو گهرڀاتين ج?? لاءِ هڪ افسوسناڪ لمحو آهي، وزيراعظم گهرو وزارت کي به ذميواري ڏني آهي ته ڪينيا جي پوليس سان گڏجي ان وا??عي جي ممڪل جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته هي هڪ پوليس ڪيس آهي، ڪينيا ۾ پوليس جي جاچ عمل مڪمل ٿيڻ تي اتي موجود اسان جا آفيسر اسان کي تفصيلن کان آگاهه ڪندا ته اسان هتي ميڊيا ۽ گهرڀاتين کي به انهن تفصيلن کان آگاهه ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي وا??عي جا اصل ڪارڻ اچڻ تائين ان تي ڪا ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ثقلين سيده پنهنجي وڪيل کي به اتي گهرايو آهي، وا??عي جي سمورن رخن کان جاچ ٿي رهي آهي.