لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ٻوڏ مت??ثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪشمير پراپرٽيز جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، شهباز گل جي ڪيس کي جه??ي اهميت ڏني ??ئي ان تي حيران آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ايڊمنسٽريٽر ڄمون ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي در پاڪستان جي آفيس ۾ منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. قمر زمان ڪائره چيو ته اڄ ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان هتي اسان جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو آهي جنهن ۾ ڪشمير جي پ??جا?? ۾ موجود پراپرٽيز جي حوالي سان تفصيلن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته اهي پراپرٽيز ڪمشمير جي امانت آهن، جيڪڏهن انهن تي قبضو ثابت ٿيو ته قبضي مافيا خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون ايڊمنسٽريٽر کي واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان ڪنهن کي هروڀرو تنگ نه ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان تي قبضو ثابت ٿئي ٿو ته ان ۾ اداري جي اندران ماڻهو ملوث ٿيو يا ٻاهرين گروپس جي مداخلت ٿي ته انهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته شهباز گل جي حوالي سان آئون وڌيڪ تبصرو نه ڪندس پر ان ڳالهه تي حيران آهيان ته شهباز گل جي ڪيس کي ميڊيا ايتري اهميت ڇو ڏني، هن چيو ته پ??جا?? جي وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان مون وٽ ڪا به خبر نه آهي پر اهي خبرون مون کي ميڊيا کان ملي رهيون آهن. هن چيو ته ٻوڏ مت??ثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ هي امداد مت??ثرن تائين پاڪ فوج ذريعي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته ٻوڏ مت??ثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار روپيا ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته پ??جا??، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ جون صوبائي حڪومتون به ٻوڏ مت??ثرن کي امداد ڏئي رهيون آهن ۽ اسان ک?? ٻوڏ مت??ثرن جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ته هو جهڙي طرح کليل آسمان هيٺ هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي زندگي جي سڄي ڪمائ?? ٻوڏ لوڙهي ??ئي آهي، ان کان اڳ ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڪشمير معاملن واري سيڪريٽري شير عالم مقصود، ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي در پاڪستان جي ايڊمنسٽريٽر بلال آفتاب احمد ڪچي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ قمر زمان ڪائره کي ڪشمير پراپرٽيز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.