اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب امارات پا??ان فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خلي??ه بن زيد فائونڊيشن پا??ان پا??ان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن ??ي ٻڌل، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون ??ي ٻڌل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون ??ي ٻڌل آهن.