اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 75 هون آزادي جو ڏهاڙو پوري پا??ستاني قوم جي ل??ءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، اڄ جي ڏينهن پوري قوم، ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پا??ستان قائم ڪرڻ جي ل??ءِ بي مثال جدوجهد تي خراج تحسين ۽ لازوال قرباني تي نظرانه عقيدت پيش ڪري ٿي، قيام پا??ستان باب??ءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مقصد جي ل??ءِ لڳاءُ، عزم، اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري ممڪن ٿيو، 1930ع ۾ پا??ستان جو تصور پيش ٿيڻ کانپوءِ رڳو 17 سالن جي گهٽ مدي ۾ پا??ستان دنيا جي نقشي تي سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت طور وجود ۾ آيو، پا??ستان جو قيام ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو جنهن دوست ۽ دشمن سڀني کي نه رڳو حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر سمورين قياس آرائين ۽ اڳڪٿين جي ابتڙ دنيا ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت کي قائم رکيو. پا??ستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جتي 75 هون آزادي جو ڏهاڙو تمام گهڻي خوشي ۽ جشن جو سبب آهي، اتي اهو گڏيل ۽ انفرادي طور تي خوداحتسابي جو به هڪ موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته بطور قوم اسان ساڍا ست ڏهاڪن ۾ ڪاميابين جا ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا ??هن?? اسان جي سلامتي تي ٻاهرئين حملن جي منهن ٽوڙ جواب کان وٺي هڪ متفقه قومي آئين جي قيام، دنيا جي ستين نيوڪليئر طاقت ۽ دهشتگردي سان مقابلو ڪري گڏيل طور تي ان کي شڪست ڏيڻ تائين اسان پنهنجي مسلسل جدوجهد سان هن ملڪ جي نه رڳو حفاظت ڪندا آيا آهيون پر ڏينهن رات ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته شروع ڏينهن کان هن ملڪ کي مصيبتون درپيش رهيون پر اسان جي بهادر قوم جي جذبي جي اڳيان سمورين مصيبتن گوڏا کوڙي ڇڏيا پر اها به مڃيل حقيقت آهي ته سماجي ۽ معاشي برابري، قانون جي حڪمراني ۽ برابري تي ٻڌل جنهن ملڪ جو خواب اسان جي ابن ڏاڏن ڏٺو هو اسان ان کي اڃا تائين پوري طرح تعبير ناهيون ڪري سگهيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان اڄ ??ڪ آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون جنهن جي ل??ءِ اسان خدا تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي، پر حقيقي آزادي ضرورتن، بک ۽ پسماندگي سان کان آزادي جو نالو آهي، جيستائين اسان معاشي طور تي هڪ خودمختيار رياست نه ٿا بڻجون تيستائين مڪمل آزادي جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ کان محروم رهندو. هن چيو ته ڪنهن به قوم جي ل??ءِ اندروني خلفشار، گڏيل ورڇ ۽ انتشار کان وڌيڪ ڪا شيءَ خطرناڪ نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته اهڙا منفي اثر نه رڳو ملي وحدت ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائين ٿا پر معاشري کي ان جي مقصد کان محروم ڪري ڇڏين ٿا، قائداعظم کي انهن عملن جي چڱي ريت ڄاڻ هئي، انهي ل??ءِ هن اسان کي انهن جي خاتمي ل??ءِ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو سبق پڙهايو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو، خاص طور تي باصلاحيت نوجوان ??هن?? انهن جي لڳاءُ، همت ۽ تعميري توانائين سان ڀرپور جذبو ڪنهن به قسم جي مشڪل کي عبور ڪري اميد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسان گڏيل ورڇ جي شرپسند طاغوتي قوتن کي گڏيل وحدت ۽ گڏيل اتفاق سان ڪچلي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي سڃاڻپ جي حفاظت ڪندا رهنداسين، مون کي پنهنجي قوم ۽ ان جي غيور نوجوانن جي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي ته اهي يقينن اسان جي ملڪ جي ٻيڙيءَ کي ان وقتي منجهدار مان تمام جلد ڪڍندا. وزيراعظم چيو ته 75 هون جشن آزادي ملهائڻ وقت اسان کي پا??ستان جي معمارن جي نظرين مان رهنمائي وٺندي نئين سر قومي تعمير جي ل??ءِ ماڻهن جي ڀلائي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائڻو پوندو، اچو گڏجي وچن ڪريون ته اسان پا??ستان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي نظرين جي عين موجب هڪ فلاحي رياست بڻائينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 75 هين جشن آزادي جي تاريخي ڏينهن جي موقعي تي آئون پوري قوم ۽ سمنڊ پار پا??ستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پا??ستان پائنده آباد.