ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ه??دستان جي ورڇ کان اڳ جو آهي، ڪشميري عوام ڊوگرا راڄ ۽ هندو استحصال جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر اسان به هندن جي ??لامي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ??والي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي هندستان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري ورتو ۽ ننڍي کنڊ جي ور?? جي وقت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين معاملن کان اسان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي ??يثيت ??ني وئي هئي ۽ ان جي لاءِ هندستان جي ??ئين ۾ شقون رکيون ويون هيون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍيون ويون ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو ويو ه??، هاڻي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتون ڏنيون ويون هيون اهي ختم ٿي ويون، غيرڪشميرين کي اتي آباد ٿيڻ جي ??جازت ملي وئي، هي اهو طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو ه?? ۽ ان طريقي سان مسلمانن جي ??ڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو، هي ڏينهن ان ڳاله?? جي ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري ڪڏهن به پنهنجي ??قن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي ملندي. اسان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ اخلاقي طور تي اسان جي ??ميواري به بڻجي ٿي ته ڪشميرين تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن کان دنيا کي آگاهه ڪريون ۽ انهن جي ??دوجهد لاءِ ڪوششون ڪريون ۽ هاڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪشميري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهندا.