ملتان – 03 – آگسٽ (اي پي پي) زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن چيو آهي ته پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي، جهڙي طرح 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻايو، اهو افسوسناڪ آه??، هڪ ڏينهن ايندو ته ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي عورت شعبي جي نگران شمائله رفيق چيو ته ڀارت ڪشمير کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ظالماڻا حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر 9 لک ڀارتي ??وج ڪشميرين جي جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق کي ٿڌو ن?? ٿي ڪري سگهي، 1947ع کان هيستائين هڪ لک 40 هزار ڪشميري شهيد جڏ??ن ته 70 هزار جيلن ۾ بند آهن. شق سي 370 جي تحت ڪشمير جي خودمختيار حيثيت ختم ڪري ٽن سالن تي ??ڌل بدترين لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪشميري مسلمانن جي مڪمل نسل ڪشيءَ جي منصوبابندي سان گڏ مسلمان آبادي جي تناسب کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن کان جاري لاڪ ڊائون ۽ ٻين ظالماڻن حربن جي باوجود ڪشميري اڄ به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. ڪشمير جي لاءِ اسان 4 جنگيون وڙهيون آ??ن، جوانن جون شهادتون پيش ڪيون آ??ن ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، پاڪستاني قوم ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪشميرين سان گڏ آهي.