ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دنيا کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چي?? ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏه??ڙي طور ملهائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چي?? ته 5 آگسٽ تي عالمي برادري کي ياد ڏياريو ويند?? ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آهي. هن چي?? ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چي?? ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇ?? ته 75 سالن کان وڌيڪ ??رصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪي?? ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.