اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ ??اءِ ڪوٽ ??يڪشن)، بابو سر ٽنل ۽ خضدار ڪچلاڪ روڊ تي ڪم جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن لاءِ ڪنٽريڪٽ ڏيڻ جي طريقيڪار کي وڌيڪ شفاف بڻايو وڃي، گذريل چئن سالن ۾ ترقي جو سفر مجرماڻي غفلت جي نتيجي ۾ روڪيو ويو، عالمي ڪمپنين جي تصديق لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کان مدد حاصل ڪئي وڃي، ملڪ ترقياتي منصوبن ۾ وڌيڪ رنڊڪ جو سٽ نٿو سگهي ٿي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري شاهراهن جي تعميراتي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ، مولانا اسعد محمود، وزي??اع??م جو صلاحڪار احد چيمه، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزي??اع??م اجلاس ۾ پروڪيومنٽ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏني ۽ چ??و ته لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ قوم جو وقت ۽ پئسو بچائڻ جي هر ممڪن ڪوششن ڪن، وزي??اع??م کي سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلن کان آ??اه?? ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ايم سڪس سکر حيدرآباد موٽر وي ڪراچي پشاور موٽروي جو اهم سيڪشن آهي جنهن تي ڪم گذريل حڪومت جي سستي جي ڪري دير جو شڪار رهيو، 306 ڪلوميٽر ڊگهو 6 لائين واري موٽر وي 15 انٽرچينجز سان 6 ضلعن مان گذرندو، موٽر وي جي قيام سان سفر جو وقت گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻارڻ جي بچت ۽ پوري پاڪستان کان برآمدات جي ڪراچي بندر??اه?? تائين پهچ ۾ آساني پيدا ٿيندي، منصوبي جتي ڪم 6 مهينن جي اندر شروع ڪيو ويندو جنهن جي تڪميل 2.5 سال ۾ ٿيندي، 250 ڪلوميٽر قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ ??اءِ ڪوٽ ??يڪشن) جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ان جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم جاري آهي جنهن کي 7 مهينن دوران مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ٽريفڪ جي وهڪري ۾ آساني ۽ داسو ۽ ديامرڀاشا ڊيمز جي تعمير جي ڪري متبادل رستو ميسر ٿيندو، بابو سر ٽنل جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ٽنل کانسواءِ 66 ڪلوميٽر روڊ جي مڪمل سيڪشن تعمير ۽ موجوده روڊ جي بحالي جو ڪم ڪيو ويندو، شاهراهه جي ان حصي ۾ سردي جي موسم جي برفباري دوران ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ رواني لاءِ سنوگيلريز به تعيمر ڪئي ويندي، وزي??اع??م ان منصوبي کي اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي عالمي معيار موجب منصوبي جي تڪميل جون هدايتون جاري ڪيون، وزي??اع??م کي پروڪيورمنٽ جي طريقيڪار جي حوالي سان به تفصيلي طور تي آ??اه?? ڪيو ويو. وزي??اع??م پروڪيورمنٽ جي طريقيڪار کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ جامع تجويزون جوڙڻ لاءِ 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير، هائوسنگ وارو وزير، ايم ڊي پيپرا، پي اي سي جو چيئرمين شامل هوندا، وزي??اع??م ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر لائحه عمل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.