اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چي?? ته عمران خان مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن چي?? ته عمران خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ ??از?? جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو ??هي، وفاقي وزير چي?? ته اليڪشن ڪميشن جي سوالن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو ??هيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چي?? ته ميڊيا جي سوال پڇڻ تي چي??ل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف سوال پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن چي?? ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو ??هيو، هن چي?? ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوندو ??هي.