اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آ??ي ته گذريل حڪومت سياسي مخالفن کي بدترين انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو، چيو ويو ته شهباز شريف ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ تي 20 ارب رپيا لڳائي ڇڏيا ۽ ان تي مون کي نيب جي عقوبت خاني ۾ رکيو ويو، پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ کي جلد مڪمل فعاليت جي هدايت ڪئي آهي، هي اسپتال رڳو پنجاب نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ آهي، خواهش هئي ته هن ??ينٽر کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون. پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خادم پنجاب هوندي 10 سالن ۾ اربين رپيا غريبن، يتيمن، بيواهن ??ي علاج تي لڳايا، هي سينٽر مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهيو ويو، اداري ۾ رڳو 6 آپريشن سينٽر فعال جڏهن ??ه 14 بند پيل آهن، خواهش هئي ته پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون، هن ??ينٽر جي دوري جو مقصد طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي، هي سينٽر رڳو پنجاب يا مخصوص ماڻهن ??ي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي عوام لاءِ آهي جنهن ??و افتتاح 2018ع ۾ ٿيو جتي غريبن جو علاج مفت ٿيڻو هو جڏهن ??ه هاڻي بريفنگ تي خبر پئي ته غريب مريضن جا هتي رڳو 17 سيڪڙو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيا ۽ 83 سيڪڙو اميرن جو هتي علاج ٿيو، هي اسپتال مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته هتي پنجاب حڪومت جا وسيلا ۽ ٻيا فنڊز جمع ڪري هن ??ينٽر کي هڪ ٽرسٽ طور ٺاهڻ چاهيو پئي جتي غريبن جو مفت علاج ٿي سگهي، هتي صاحب حيثيت ماڻهو به ادائيگي ڪري ضرور پنهنجو علاج ڪرائين جڏهن ??ه اهي پنهنجو علاج دنيا جي سٺن ملڪن ۾ به ڪرائي سگهن ٿا. هي اسپتال هتي اميرن ۽ غريبن جي فرق کانسواءِ علاج جي سهولت لاءِ ٺاهي وئي هئي. بطور پنجاب جي وڏي وزير اربين رپين جي مستحقين جي ڀارت ۽ چين ۾ ليور ۽ ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لاءِ مالي مدد ڪئي، ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لاءِ ڀارت ۽ چين اسان جا مريض وڃي رهيا هئا اسان ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ هي اسپتال ٺاهي، ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان هي اسپتال ٺهي. فيصل ڊار جهڙي قابل معالج کي هتي آڻي هن ??سپتال کي فعال ڪيو. هن ??سپتال جي ٺاهڻ تي چيو ويو ته ان تي شهباز شريف 20 ارب رپيا لڳايا، ان تي نيب پڇاڳاڇا به ڪئي ۽ عقوبت خاني ۾ به رکيو پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، اسپتال جي عملي آمريڪا مان هڪ مخصوص ڪمپني جا اوزار گهرائڻ جو چيو ته ان جي لاءِ ڪراچي جي هڪ صاحب حيثيت کان 9 ڪروڙ رپيا عطيو وٺي اوزار هن ??سپتال جي لاءِ گهرايا. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڊني ۽ ليور ٽرانسپلانٽ جا اهڙا مريض جيڪي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ غيرقانوني ٽرانسپلانٽ م??ڪزن جتي حفاظتي تدبيرون به اختيار نه ٿيون ڪيون وڃن اتي ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ تي مجبور هئا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو منصوبو هجڻ جي ڪري ان کي جيڪڏهن ??اتي عناد جو شڪار بڻايو وڃي ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي، هاڻي ان جي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته هن ??ينٽر کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين.