اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابط?? گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پا??ستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابط?? گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي ساراهيو. هن ??ذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پا??ستان جي قومي ڏينهن ??ي 23 مار?? پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.