اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقا?? لاءِ بهادر آباد ?? واقع سندن هيڊ آفيس ويندو. ان کانپ??ءِ وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ عوامي نمائندن، پي ٽي آءِ جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پارٽي جي صوبائي ۽ ڊويزنل سطح جي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو.