اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ج?? و??يراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون ه??ندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئ?? و??ي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير ، اترين علائ??ن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي بي پناهه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.