اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وز??رت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيهي وز??رت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وز??رت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غ??ر معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن ??يو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غ??ر معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.