اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃ??، دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ افغانستان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو م?? سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قوم?? سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئ??. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ افغانستان مان پاڪستان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئ??. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزي??اع??م افغانستان جي لاءِ ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پاڪستان مان گ??ري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته علاج جي لاءِ ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي پاڪستان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزي??اع??م افغانستان جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزي??اع??م چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها افغان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزي??اع??م قوم?? سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو افغانستان جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وڃن.