اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمي?? مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمي?? مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمي?? مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پا??ستان ڪشمي?? مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پا??ستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشم??ري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمي?? مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.