اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري پ??ڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي ڪري پرجوش آهي، انشاءَ الله فتح جنون ۽ جذبي ??ي ٿيندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو مئچ تي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جا جيڪي به 11 رانديگر ميدان ۾ لهندا انهن وٽ پاڪستان جو نئون سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي. پاڪستان جو هر شهري ان مئچ جي ڪري پرجوش آهي ۽ انشاءَ الله فتح جنون جذبي ??ي ٿيندي، پاڪستان جي ٿيندي.