اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، گئس جون قيمتون مٿي ??ين??يون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي ??ين??يون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي ??ين??يون ته هتي به گهٽ ٿي ??ين??يون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.