اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ٽيليويزن پاران ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪم??ٽري جي اهتمام کي ساراهيندي ان کي هڪ تمام سٺو قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن پي ٽي وي نيوز پاران ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تازين خبرن ۽ لائيو تجزيا پيش ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ ڪم??ٽري جو اهتمام ڪرڻ جي خبر شيئر ڪندي ان قدم کي ساراهيو آهي.