ا??لا?? آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهب??ز شريف ۽ حمزه شهباز کي شگر ملز ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ 30 آڪٽوبر تائ??ن ضمانت م??ي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڪيس ۾ انهن اڪائونٽس جا تفص??ل ڏسي سگهجن ٿا جيڪي رڳو انهن وڏن ڪرپشن ڪيسز مان رڳو هڪ ڪيس جا آهن. مخالف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جو عمل ڇڏي اڳتي وڌيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن شڪي اڪائونٽس جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا جنهن ۾ شهب??ز شريف اينڊ فيملي جي ڪلرڪن ۽ چپڙاسين جي نالن تي ٺاهيو ويو شڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا.