اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??طر سان ??نهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر نار رياست قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??طر سان ??نهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ??يندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??ڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قطري سفير قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران ??رڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دوحه فورم ۾ شرڪت جو ??عو??نامو ڏنو. قطر جي سفير پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??ڻائڻ جي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.